آواز جي دنيا جا ساٿي

آواز جي دنيا جا ساٿي

آواز جي دنيا جا ساٿي

آواز جي دنيا جا ساٿي (ڪتاب): هيءُ ڪتاب مشهور اديب ۽ ريڊيو لسنر، ‘ناچيز’ جعفر علي خاصخيلي سانگهڙائيءَ جو ترتيب ڏنل آهي. هن ڪتاب ۾ ريڊيو جي نامور براڊڪاسٽرن جا تاثرات ۽ رايا به شامل آهن، جن ۾ عنايت بلوچ، سڪندر بلوچ، ڪوثر ٻرڙو، نصير مرزا، انور هڪڙو، گل حسن قريشي، مير محمد لنجار، الاهي بخش ٻانڀڻ، سيد نور اظهر جعفري، محمد خان لغاري، امام الدين جمالي ۽ عبدالغفور کوسو وغيره شامل آهن ريڊيو جا ٻُڌندڙ، جن کي ‘لسنرز’ يا ‘آواز جي دنيا جا ساٿي ’ سڏيو وڃي ٿو، انهن جا تعارفي خاڪا ۽ ويچار تصويرن سان گڏ شايع ٿيل آهن، جن ۾ ڊاڪٽر قربان جهتيال، عبدالجليل لغاري، احسان الله لغاري، ايم ابراهيم راڄڙ، عاجز کوکر، ناچيز جعفر علي خاصخيلي، خميسو خان سولنگي، ثناءُ الله وسطڙو ۽ ٻين سميت 115 لسنرز جون تصويرون ۽ ائڊريسون هن ڪتاب ۾ داخل آهن.190 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي ڪچي جلد سان هن ڪتاب کي مهراڻ معلوماتي انجمن سنڌ، 1991ع ۾ ڇپرائي پڌرو ڪيو، جنهن ۾ قيمت ڄاڻايل نه آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو